ٺڪراٺو : ٺڪراٺو ڀرسان اوچتو ٽن گهرن کي باھ وڪوڙي وئي باھ گهرن جو سمورو الھ تلھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو ٽنهي گهرن جا مالڪ پنهنجي پيرسن گهر ڀاتين ۽ معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ وس وارن کي واهر جي اپيل
ٺڪراٺو(رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ اڪڙي پٽ ۾ ملڪ برادري جي ٽن ڄڻن خان محمد , دوست محمد ۽ دوسو ملڪ جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئی جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن چيو ته اسان جي گهرن کي اڄ اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب گهرن ۾ پيل اناج . کٽون بسترا ۽ گهر جو ٻيو ضروري سامان باھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو هڪ گهر کي باھ لڳڻ کانپوء ٽنهي گهرن کي باھ وڪوڙي ويئي ۽ ڏسندي ڏسندي سمورو سامان رک ۾ تبديل ٿي ويو جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي گهرن کي اوچتو باھ لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي سرديء جي موسم جي ڪري گهرن ۾ باھ ٻارڻ معمول بڻيل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻار باھ ٻاري آهي يا باھ جي ڪيري مان ڪٿي دکي دکي باھ ٻري آهي ۽ اها باھ ڪکاون گهرن کي وڪوڙي وئي آهي اسان جي علائقن مبارڪپور توڙي ٺڪراٺو ۾ فائر برگيڊ جي سهولت به ناهي جو ايمرجنسي ۾ اها پهچي ڪري باھ تي ڪنٽرول ڪري سگهي اسان باھ کي پنهنجي مدد پاڻ ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي رک ٿيڻ کان بچايو هنن وڌيڪ چيو ته مسڪين ماڻھون آهيون گهر سڙي وڃڻ ڪري گهرن ۾ ته ڪجھ بچيو ئي ناهي اسين هاڻ پنهنجي معصوم ٻچڙن ۽ پيرسن گهرڀاتين سميت کلي آسمان هيٺ اچي ويا آهيون وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته واهر ڪئي وڃي
