ڪنڌڪوٽ:غوثپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بگن خان بجاراڻي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڏوهاري ماڻهو سرگرم ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بگن خان بجاراڻي ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڏوهاري ماڻهو سرگرم ٿي ويا, مليل ڄاڻ موجب اڄ صبح جو 5 وڳي اڻ 3 اڻ ڄاتل چور ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج واري علائقي ڳوٺ مير بگن خان بجاراڻي واسي مهراجن جي گردواري صاحب ۾ داخل ٿي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مهراج برادري جا ماڻهو سڄاڳ ٿي پيا ۽ چور کي سوگهو ڪري ورتو, ٻين چورن حملو ڪري گوردواري جي انچارج ڀڳواني مهراج کي لٺيون ۽بندوق جا قنداڪ هڻي زخمي ڪرڻ بعد سنگتي کي ڇڏائي فرار ٿي ويا, زخمي کي سندس وارثن اسپتال داخل ڪرايو۔ ٻئي طرف واقعي جو ڪرمپور پوليس کي اطلاع ملڻ بعد ڪرمپور پوليس ڀاڳين سان گڏجي ڏوهارين خلاف پيرو کڻي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني۔ ٻئي پاسي متاثرن سريچند۔ ڀڳوانو مل۔ سڌامچند ۽ ٻين ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اھڙن واقعن جي روڪٿام لا۽ اسان کي گوردواري صاحب ٻاھران پوليس پڪٽ منظور ڪرائي ڏني وڃي

پنھنجي راءِ لکو