ڪنڌڪوٽ:الخدمت فائونڊيشن پاران ضلعي ڪشمور ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، الخدمت فائونڊيشن پاران ضلعي ڪشمور ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو سخت سردي کي نظر ۾ رکندي متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو پيو وڃي: الياس چنا ڪنڌڪوٽ ،الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور جي طرفان هارا پبلڪ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ سڄي سنڌ مان آيل ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو. الخدمت فائونڊيشن ڪشمور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري الياس نور چنا چيو ته الخدمت پاران هلندڙ سال جي شروعات کان وٺي ٻوڏ متاثرن جي خدمت لاءِ سرگرم عمل آهي، متاثرن کي ڪپڙا ۽ آرام فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ به متاثرين کي،الخدمت پاران انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀ کان وڏو اعزاز آهي ۽ ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن ۽ مستحق غريبن جي خدمت جاري رکنداسين، ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن جي نائب صدر بشير احمد حاجاڻو ۽ انفارميشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. ۽ رضاڪار موجود هئا

پنھنجي راءِ لکو