قمب: روحاني شخصيت سيد غلام حسين شاهه قمبر واري جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

قمب: قمبر درگاھ جي سجاده نشين روحاني شخصيت سيد غلام حسين شاهه بخاري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ کيس هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن جي موجودگي ۾ آلين اکين سان درگاهه حسين آباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي عالمن، حافظن، عقيدن کان علاوه لکين مريدن ۽ علائقي جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،سيد غلام حسين شاهه بخاري جي جنازي نماز مرحوم جي فرزند سيد عطاءُ الله شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ ادا ڪئي وئي پوليس پاران سيد غلام حسين شاهه بخاري جي جنازي نماز دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، قمبر درگاه جي هر طرف کان پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي درگاه جي دروازي تي 6 کان وڌيڪ واڪ ٿرو سڪيورٽي گيٽس لڳايا ويا پوليس ۽ رضاڪارن پاران هر ايندڙ ويندڙ کي چيڪ ڪرڻ بعد ڇڏيو ويو. سيد غلام حسين شاهه بخاري جي لاڏاڻي تي اڄ قمبر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن سبب سمورا پرائيويٽ ۽ سرڪاري بند آهن جنهن جو ڊپٽي ڪمشنر طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. سيد غلام هسين شاهه بخاري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ لکين عقيدتمندن ۽ مريدن آلين اکين سان کيس درگاه حسين آباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو مرحوم سيد غلام حسين شاهه بخاري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ وقت ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا

پنھنجي راءِ لکو