پريالوءِ (رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي گڏيل ميزباني هيٺ پريالوءِ ۾ ٻه شاندار مشاعرا منعقد ٿيا، جن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان شاعرن ۽ اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پهريون “سنگت مشاعرو”اي ڊي اين نيوز جي آفيس ۾ ٿيو، جڏهن ته ٻيو “پيرين پريالوءِ مشاعرو” صوفي بزرگ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار آڏو منعقد ڪيو ويو. صدارتي سٿ ۾ علي حسن سرڪي، مير صوبدار سعيد، سجاد ميراڻي ۽ سعيد سنڌي شامل هئا، جڏهن ته پروگرامن جي نظامت ظهير لاڙڪ سرانجام ڏني.

شاعرن ۾ سميع سجاد ميراڻي، ظهير لاڙڪ، مير صوبدار سعيد، سعيد سنڌي، محبتي مهيسر، الطاف راجه، پروفيسر ممتاز عادل ٻرڙو، پرويز مهر، سڪندر جويو، عرس ڀنڀرو، اسحاق چانڊيو، عمران علي ۽ ٻين پنهنجون خوبصورت تخليقون پيش ڪيون. ان موقعي تي ڪليم ﷲ شيخ، عطا ميراڻي، محمد عمر ڀٽو، وحيد ميمڻ، منير بوئو، عبدالرزاق آزاد ۽ ٻين جي شرڪت مشاعرن کي چار چنڊ لڳايا.
