سکر :سماجي تنظيم ارض پاڪستان تنظيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ گلوبل چوڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/ سماجي تنظيم ارض پاڪستان تنظيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ گلوبل چوڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا،تفصيل موجب، ارض پاڪستان تنظيم جي اڳواڻن فراز سومرو، فيصل قريشي، مجاهد علي ۽ ٻين پاڪ فوج جي حق ۾ گلوبل چوڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ۽ چيو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، سرحدن جي حفاظت ڪرڻ سميت هر ڏکئي وقت اندروني توڙي بيروني سازشن ۽ دهشتگرد حملن ۾ پاڪ فوج جي جوانن جانين جا نذرانا ڏنا آهن، اسان کي پاڪ فوج جي دلير جوانن سان پيار آهي، ۽ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ملڪ دشمن عناصر پاڪ فوج جي خلاف غلط زبان استعمال ڪري رهيا آهن جنهن سان هر محب وطن پاڪستاني کي ڏک ۽ تڪليف ٿي آهي، هنن چيو ته اسان جي پياري وطن ملڪ پاڪستان کي ڪوئي به ميري نظر سان ڏسندو ته ان جو اکيون ڪڍي ڇڏيندا سي.

پنھنجي راءِ لکو