ڪنڌڪوٽ : ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چورين جي وارداتن ۾ واڌ خلاف ايس يو پي پاران ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چورين جي وارداتن ۾ واڌ خلاف ايس يو پي پاران ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پوليس جي خلاف شديد نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي، ظريت بجاراڻي، شاهنواز مرهيٽو، فضل سبزوئي، الطاف بنگوار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ شهر هن وقت چورن ۽ ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي شهر ۾ اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن چوري ۽ ڦر جون وارداتون نه ٿين شهرين کان لکين روپين جون ڦرون ٿي رهيون آهن روز موٽرسائيڪلون چوري ٿي رهيون آهن دڪانن کي کاٽ هڻي سامان ٻهاريو پيو وڃي رستي ويندڙن جا بشني کيسا ڪٽي موبائيل فون ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي رهيا آهن آخر پوليس ڪهڙي دنيا ۾ پئي رهي عوام جي جان و مال جي حفاظت آخر ڪير ڪندو هنن مطالبو ڪيو جيستائين ته اخباري هاڪر ۽ ايس يو پي ڪارڪن فضل سبزوئي جي چوري ٿيل موبائيل سميت شهر اندر ٿيندڙ ڦر چوريون واپس نه ڪرايون وينديون تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو،

پنھنجي راءِ لکو