ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف، احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ پوري ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي پاران حرا اسڪول کان ناظم آفيس تائین احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ضلعي امير غلام مصطفيٰ میراڻي، عبدالحفيظ بجاراڻي، قاري سليم اللّٰہ خلجي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافر قوتن هميشه مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي ڪڏهن نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي ڪري ته ڪڏهن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري ڪافر قوتون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت اسلام خلاف نفرت پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن پر اسلام قيامت تائين قائم رهندو جماعت اسلامي اسلام دشمن قوتن خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته حڪومت پاڪستان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جو ڀرپور جواب ڏي

پنھنجي راءِ لکو