لاهور: مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي فواد چوڌري جي گهر واري سان معذرت ڪري ورتي آهي اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي فواد چوڌري جي هر واري حيا چوڌري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ پنهنجي بيان تي معذرت ڪئي.پرويز الاهي چيو ته فواد چوڌري نڊر سياستدان آهي، هو عمران خان جي اهم رانديگرن ۾ شامل آهي پرويز الاهي جي معذرت تي حبا چوڌري مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جي اظهار تي اڳوڻي وڏي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. ياد رهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کان پوءِ پرويز الاهي جي هڪ وڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته فواد چوڌري کي رات دير سان گرفتار ڪيو ويو، جيڪڏهن کيس اڳ گرفتار ڪيو وڃي ها ته اسان جو ڪم ٿي وڃي ها
