سکر:ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿهيم ۽ اين جي اوز جي اسٽاف آفيسر سمندر علي ڀٽو پاران تعلقي نيو سکر جي گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج سکر ۾ ڪمبل ورھائڻ جي ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان آيل ٻوڏ متاثرن جي 2 سئو خاندانن ۾ ڪمبل ورهايا ويا سردي کان بچڻ لاءِ ڪمبل بيواهن، معذورن ۽ مسڪين بزرگن ۾ پڻ ورهايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي سمندر علي ڀٽو چيو ته هن وڌنڌڙ سردي ۾ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٻوڏ متاثرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي آساني سان سيئ کان بچي سگهن. ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ حڪومت کان جيڪو به ملندو، اسان به ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪنداسين، ان موقعي تي مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي نيو سکر ماجد علي ماکو چيو ته هن ٿڌي هوائن ۽ سيئ جي ڏينهن ۾ غريبن جي سار لهڻ گهرجي توهان پنهنجي ٻارن کي خاص ڪري نياڻن کي تعليم ڏياريو، پاڻ ۾ شعور پيدا ڪريو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ارشاد احمد مهر، سمندر علي ڀٽو سھڻو کوسو ۽ ٻين علائقي جي وس وارن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري ڊپٽي ڪمشنر سکر جي ان قدم کي ساراهيو.
