راولپنڊي:شيخ رشيد جي لال حويلي خالي ڪرائڻ کان روڪڻ واري درخواست رد

راولپنڊي: راولپنڊي جي عدالت شيخ رشيد جي لال حوالي خالي ڪرائڻ کان روڪڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ،راولپنڊي جي سول جج نويد اختر جي عدالت شيخ رشيد جي حڪم امتناع جي درخواست کي رد ڪندي چيو ته عدالت ڪنهن به اداري کي قانون موجب ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي. عدالت 15 فيبروري تي ايندڙ ٻڌڻي مقرر ڪندي ڌرين کي طلب ڪري ورتو،شيخ رشيد طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته لال حويلي ڪيس ۽ حددخلين جي فيصلي خلاف اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن. لال حويلي جبري خالي ڪرائڻ غيرقانوني ۽ سياسي انتقام آهي.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي هئي ته متروڪه املاڪ کاتو سياسي انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي ان لاءِ حڪم امتناع جاري ڪري لال حويلي خالي ڪرائڻ کان روڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو