ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نادرا آفيس جي پارڪنگ مان ڊي سي آفيس جي ملازم صفي الله ساوند جي ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل (ماڊل 2018) چوري ٿي وئي. چورن تالا ٽوڙي موٽرسائيڪل کڻي فرار ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو، جنهن جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ بعد واپس روانگي اختيار ڪئي. متاثر ملازم صفي الله ساوند ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي.
متاثر چوڻ ۾ آيو ته امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آهن. ون فائيو سينٽر ۽ پوليس چوڪي جي سامهون ديده دليري سان موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ وڏو سوال آهي.
هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي پاڻمرادو نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ۽
