پي ٽي آءِ جو ڪميٽين تان استعيفيٰ ۽ پي اي سي اجلاس جو بائيڪاٽ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي ميمبر ثناءُالله مستي خيل اعلان ڪيو آهي ته پارٽي سمورين ڪميٽين جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اعلان ڪرڻ کان پوءِ ثناءُالله مستي خيل ڪميٽي روم ڇڏي ويو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه ميمبرن کي پارٽي جي فيصلي بابت اطلاع ملي چڪو آهي، جڏهن ته ڪجهه تائين اڃا ميسيج ناهي پهتو. سيڪريٽري ڪميٽي آگاهي ڏني ته چيئرمين جنيد اڪبر خان پي اي سي اجلاس ۾ موجود نه آهي، تنهنڪري ميمبرن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اجلاس جي صدارت ڪير ڪندو ان کان پوءِ ڪميٽي جي ميمبرن فيصلو ڪيو ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن اڄوڪي اجلاس جي صدارت سنڀالي ٻئي پاسي، پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن پي اي سي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ اجلاس ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جو نمائندو موجود نه رهيو سينيٽر محسن عزيز شروع ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ

پنھنجي راءِ لکو