اسلام آباد (اسٽاف رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته اين اي 129 لاهور جي ضمني چونڊ ۾ حصو ورتو ويندو. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ جا ٿورائتا آهيون، هن سياسي ڪميٽي تي مڪمل اعتماد ڪندي سياسي معاملا وڌيڪ مشاورت لاءِ ڪميٽي جي حوالي ڪيا آهن. ڪميٽي توشه خانه ٽرائل جي اڊياله جيل ۾ روزانه ٻڌڻي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته روزانه ٻڌڻي سان جوابدارن جا بنيادي حق متاثر ٿيندا ۽ انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ نااهلي ماڻيندڙ ميمبر پي ٽي آءِ جا حقيقي نمائندا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن تڪن ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو سياسي ڪميٽي جي اعلان موجب، ميان اظهر جي وفات کانپوءِ خالي ٿيندڙ سيٽ اين اي 129 لاهور تي پي ٽي آءِ اميدوار بيهاريندي. ان سان گڏ ڪميٽي چيو آهي ته باني جي هدايت تي قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ميمبرن کي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ ۽ رڪنيت تان به استعيفائن جي هدايت ڪئي وئي آهي ٻئي طرف گذريل ڏينهن عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ خان چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت پارٽي اندر تڪرار موجود آهي. عمران خان واضع طور تي چيو هو ته ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي، ڇو ته چونڊن ۾ وڃڻ سان پارٽي کي نقصان ٿيندو عظميٰ خان موجب، عمران خان چيو ته اليڪشن ۾ وڃڻ سان ناجائز نااهلين کي جواز ملي ويندو، مخالف ڌر مرضي جا اميدوار کٽرائيندي، اهڙي صورتحال ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ پارٽي لاءِ نقصانڪار هوندو. باني پارٽي کي پيغام ڏنو ته اصل ڌيان تحريڪ تي رکيو وڃي.
