لاهور (نمائندو) ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. انساني حياتين جي تحفظ ۽ وقتائتي امدادي ڪارروائين لاءِ پنجاب حڪومت فوري قدم کڻي لاهور، قصور، سيالڪوٽ، فيصل آباد، نارووال ۽ اوڪاڙه ضلعن ۾ فوج طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي گهرو وزارت موجب متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو 1122، سول ڊفينس ۽ پوليس اڳ ئي ميدان ۾ موجود آهن ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. سول انتظاميه جي مدد ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميه جي درخواست تي فوج جي مقرري لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط اماڻيو ويو آهي. فوجي دستن جو انگ ضلعي انتظاميه سان صلاح مشوري بعد مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي آرمي ايوي ايشن ۽ ٻيا وسيلا به فراهم ڪيا ويندا.سرڪاري ترجمان موجب پنجاب حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ جي صورتحال کي 24 ڪلاڪ مانيٽر ڪري رهيا آهن ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.
