وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ صوبي جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي۔ روانگي کان اڳ وزيراعظم کي چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه، پاڻي هيٺ آيل علائقن ۽ جاري ريسڪيو ۽ رليف آپريشن بابت آگاهي ڏني وئي فضائي جائزي دوران وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم فوري طور تي کنيا وڃن ۽ ماڻهن جي حفاظت کي پهرين ترجيح ڏني وڃي۔پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به وزيراعظم سان گڏ لاهور کان نارووال رواني ٿي، جتي سفر دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ رليف قدمن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته چيئرمين اين ڊي ايم اي مسلسل بريفنگ ڏيندو رهيو۔ نارووال پهچڻ تي وزيراعظم کي متاثر علائقن جي بحالي، متاثرين جي امداد ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت وڌيڪ تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو