سسٽم ۾ تبديلي جا امڪان، 27هين ترميم کان پوءِ واضح ٿيندو: مرتضیٰ جتوئي

نوشهروفيروز (نمائندو ADN) – نيشنل پيپلز پارٽي (اين پي پي) جي سربراهه مرتضیٰ جتوئي چيو آهي ته افواهه آهن ته ملڪ جي سسٽم ۾ تبديليون ٿي رهيون آهن، البت 27هين ترميم کان پوءِ صورتحال واضع ٿيندي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضیٰ جتوئي ٻڌايو ته هن جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي صلاح ڏني آهي ته ڌار پارٽي ٺاهڻ سندس حق آهي، پر پيپلزپارٽي مخالف اتحاد ۾ شامل رهڻ گهرجي. ان موقعي تي اڳواڻ مسرور جتوئي چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جون ڳالهيون اصل ۾ صوبائي حڪومت جي بيڊگورننس جي ڪري جنم وٺي رهيون آهن. هن خبردار ڪيو ته ٻوڏ جو وڏو خطرو موجود آهي، پر حڪومت هميشه غلط انگ اکر ڏئي عوام کي حقيقت کان پري رکي ٿي. “عوام کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هو اڳواٽ تياري ڪري نقصان کان بچي سگهن،” هن جو چوڻ هو۔ ٻئي پاسي نوشهرو فيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلاول زرداري قتل ڪيس ۽ مورو واقعي جي ڪيسز جي ٻڌڻيون ٿيون. مرتضیٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي سندن ضمانت بابت وڪيلن جا دليل ٻڌا ويا. عدالت بلاول زرداري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 17 سيپٽمبر ۽ مورو واقعي جي ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔

پنھنجي راءِ لکو