ڏهرڪي ويجهو فائرنگ، نوجوان قتل، ڀاءُ زخمي

ڏهرڪي ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي ۾ مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ قطب الدين ميهاڻي مهر طور ٿي آهي. پوليس موجب قطب الدين کي گذريل سال کينجهو واري علائقي ۾ علي نواز لغاري جي قتل جي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو. لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي کي به اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. حادثي بعد ڳوٺ ۾ ماتم واري فضا ڇانئجي وئي ۽ وارث سخت ڏک ۾ مبتلا ٿي ويا. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


پنھنجي راءِ لکو