ڄامشوري ۾ شاگردن جي فوٽوگرافي نمائش – سنڌي ثقافت ۽ ورثي جي جهلڪ

ڄامشورو (پنهنجو ڊيسڪ) – شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري جي ڪميونيڪيشن ڊيزائن شعبي پاران ٽئين سال جي شاگردن جي فوٽوگرافي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 28 شاگردن پنهنجا فن پارا پيش ڪيا. نمائش جو افتتاح وقتي رجسٽرار محمد سليمان ڀٽو سميت يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن ڪيو. نگراني سينيئر فوٽوگرافر علي گل قريشي ۽ جاني فواد ڪئي، جن شاگردن کي سموري عمل ۾ رهنمائي مهيا ڪئي. نمائش ۾ لڳايل تصويرن سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي ورثي جي عڪاسي ڪئي، جن ۾ ميرن جا مقبرا، غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو، مکي هائوس، ۽ ٽاور مارڪيٽ حيدرآباد سميت محنتي طبقي جا پورٽريٽ ۽ روزمره زندگي جا دل ڇهندڙ لمحه شامل هئا. مقرررن شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي نمائش رڳو فني مهارتن جو اظهار نه پر سنڌ جي ورثي، ماڻهن ۽ انهن جي اڻ ٻڌايل ڪهاڻين ڏانهن هڪ خوبصورت جھاتي آهي.

پنھنجي راءِ لکو