ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ٻيڙي ڪلٽي: ٻه نينگريون بيهوش، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب وڏي سانحو پيش آيو آهي، جتي مسافر کڻي ويندڙ ٻيڙي اوچتو ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ 12 ڄڻا درياهه ۾ ٻڏي ويا، خوشقسمتيءَ سان علائقي واسين جي بروقت مدد سان سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته ٻه معصوم نينگريون بيهوش ٿي ويون جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي وارن موجب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه وڌڻ ڪري سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هزارين ڳوٺاڻ پنهنجن گهرن، مال متاع ۽ چوپاين سميت ڪچي ۾ ڦاٿل آهن، پر انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جي ريسڪيو ڪارروائي سامهون نه اچي سگهي آهي. ڳوٺاڻ پنهنجو سامان ۽ چوپايو مال کڻي پڪي علائقن ڏانهن لڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا طرفان تڪڙي امداد ۽ ريسڪيو ڪارروائي نه ٿي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ سخت بيچيني ۽ خوف پکڙيل آهي. ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل عورتون، ٻار ۽ معصوم نينگرن جون زندگيون شديد خطري ۾ آهن

پنھنجي راءِ لکو