پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ٽنهي ٽيمون اڄ کان ٽي 20 ٽرائي سيريز ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائينديون. سيريز جو افتتاحي ميچ اڄ شام شارجه ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو. سيشن جي شروعات ۾ ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽيئي ٽيمون شامل هيون. قومي ٽيم جو ڪپتان سلمان آغا، افغانستان جو راشد خان ۽ يو اي اي جو محمد وسيم ٽرافي سان گڏ فوٽو شوٽ ۾ شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا چيو ته ٽيم جون تياريون مڪمل آهن ۽ اڳوڻن رانديگرن جي راءِ سان ٽيم تي ڪو به اثر نٿو پوي ٻئي طرف ايشيا ڪپ بابت افواهن کي رد ڪندي اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪيو آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان سان ميچ بائيڪاٽ ڪرڻ جا خدشا بي بنياد آهن۔
