موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ کان 2 سيپٽمبر تائين زوردار برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب: 29 کان 31 آگسٽ تائين: ملتان، ڊي جي خان، راجن پور، لئيه، ڀکر، ساهيوال، بهاولپور، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ برساتن سبب نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. 30 ۽ 31 آگسٽ دوران: راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، لاهور، گوجرانوالا، ساهيوال، گجرات ۽ نارووال ۾ زوردار برساتون متوقع آهن، جن سبب وهڪرا وهي وڃڻ ۽ سيلابي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي پاسي پنجاب ۾ اڳ ئي سيلابي تباهڪارين سبب سوين وسنديون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي پيا آهن ۽ ڳانڍاپي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. محڪمي اڳڪٿي موجب: خيبر پختونخوا ۾ 29 کان 31 آگسٽ دوران شديد برساتون پونديون. مالاڪنڊ، هزارا ڊويزن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پهاڙ کِسڪڻ ۽ گليشيائي ڍنڍون ڦاٽڻ جا خدشا موجود آهن. سنڌ جي ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ برساتن سبب سيلابي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ به پهاڙ کِسڪڻ جا امڪان آهن.
