پريالوءِ (رپورٽر) ــ پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ ويرم ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول تعليم حاصل ڪندڙ معصوم ٻارڙن لاءِ عذاب بڻيل آهي. اسڪول ۾ نہ بجليءَ جي سهولت آهي ۽ نہ ئي سولر سسٽم لڳل آهي. شاگردن لاءِ صاف پاڻيءَ جو ڪو به انتظام موجود ناهي، جڏهن ته ويهڻ لاءِ ڪرسيون ۽ ڊيسڪ به فراهم نه ڪيا ويا آهن. نتيجي طور، ٻارڙا سخت گرميءَ ۾ فرش تي ويهي پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اسڪول جي هيڊ ماسٽر اعجاز احمد بڙدي جو چوڻ آهي ته: “اسان تعليم جي اعليٰ آفيسرن کي بار بار آگاهه ڪيو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به قسم جو تدارڪ نه ٿيو آهي ٻئي پاسي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جي والدين مطالبو ڪيو آهي ته اعليٰ اختيارين فوري نوٽيس وٺي اسڪول ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪن، جيئن ٻارڙا سکون سان تعليم حاصل ڪري سگهن.
