ڪنڌڪوٽ: ڪشمور ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، ڊرون حملا؛ 4 ڏوهاري مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ ڪشمور ضلعي جي گلڻ سخي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو وڏو سرچ آپريشن ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا، جن ۾ چار ڏوهاري مارجي ويا، ٻه زخمي ٿيا ۽ ٽي ڄڻا گرفتار ٿيا. ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو مطابق آپريشن ڏوهارين جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل ڏوهارين مان: کيتا جورڪاڻي مزاري حبيب الله جورڪاڻي مزاري فيري جورڪاڻي مزاري هوران جورڪاڻي مزاري شامل آهن. تفصيل موجب آپريشن دوران پوليس وڏي نفري سان گڏ موجود هئي ۽ پهريون ڀيرو علائقي ۾ ڊرون جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڳولا ۽ ڊرون حملا جاري آهن.


پنھنجي راءِ لکو