جميعت طلباءِ اسلام پاران نوجوانن لاءِ ڪاروانِ بيداري جون گڏجاڻيون

پريالوءِ (رپورٽ) ــ جميعت طلباءِ اسلام ضلع خيرپور جي اڳواڻن وقار احمد ڀٽو (ضلعي صدر) ۽ خادم حسين ڀلڪاڻي (ضلعي جنرل سيڪريٽري) جي نگراني ۾ ڪاروانِ بيداري جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي وئي.گڏجاڻي دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلع خيرپور جي مختلف تعلقن ۽ علائقن ۾ ڪاروانِ بيداري جون گڏجاڻيون نوجوان نسل کي اسلامي عقائد، تنظيمي شعور ۽ صحيح پيغام ڏيڻ لاءِ منعقد ڪيون وينديون.انهن وڌيڪ زور ڏنو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ڄاڻي واڻي اسلام جي تعليم کان پري رکيو پيو وڃي، تنهن ڪري هر علائقي ۾ بنيادي اسلامي عقائد ۽ فڪري سجاڳي جي حوالي سان گڏجاڻيون ضروري آهن.گڏجاڻي دوران اڳواڻن چيو ته پريالوءِ ۽ پيرجوڳوٺ ۾ منشيات جو وڌندڙ استعمال نوجوان نسل لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ منشيات فروشن خلاف باقائده مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

پنھنجي راءِ لکو