ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپورچار ڏينھن اڳ ڪچي جي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل پيرسن نورمحمد تيغاڻي جي قتل جو ڪيس قلم 302. 337..324 تحت سندس ڀاء پيرجان تيغاڻي جي فرياد تي تيغاڻي ۽ سبزوئي برادري جي نون 9 ڄڻن خلاف ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو۔ فريادي پيرجان تيغاڻي ايف آ۽ آر ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار وزير ۽ غلام بني وارن سان سڱاوتي تڪرار تي جھيڙو ھلندڙ ھيو ۽ ھو اسانکي ڌمڪيون ڏيندا ھئا ته توھانکي نه ڇڏينداسين نيٺ ھنن پنھنجن ساٿين ميرڻ۔ باغو۔ ڪمانڊو۔ ولي محمد ۽ ٻين سان گڏجي گھر تي حملو ڪري منھنجي ڀاء کي قتل ڪيو ۽ منھنجي زال کي گوليون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا۔ ٻي پاسي پوليس پاران ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي
