ڀارت جي آبي جارحيت: درياءِ جهلم ۾ به پاڻي ڇڏيو ويو، مظفرآباد ۾ وهڪرو وڌي ويو

آزاد ڪشمير (جمعو، 29 آگسٽ 2025ع): ڀارت جي آبي جارحيت جاري آهي ۽ هاڻي مقبوضه ڪشمير مان به درياءِ جهلم ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. اسٽيٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ايس ڊي ايم اي) موجب ڀارتي قبضي واري علائقي مان ڇڏيل پاڻي ڪنٽرول لائين جي چڪوٽهي واري هنڌ کان آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿي ويو آهي۔ مظفرآباد ۾ خطري جي گهنٽي ايس ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته مظفرآباد ۾ درياءِ جهلم جو وهڪرو تيزي سان وڌي رهيو آهي، صورتحال کي ويجهي نظر هيٺ رکيو ويو آهي۔ چڪوٽهي واري هنڌ کان پاڻيءَ جي مقدار ۾ لڳاتار اضافي سبب مظفرآباد، هيٺيان بالا ۽ منگلا تائين علائقن ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿيڻ جو امڪان آهي۔ عوام لاءِ هدايتون ايس ڊي ايم اي عوام کي هدايت ڪئي آهي ته: دريائن ۽ ندي نالن جي ڪنارن تي غير ضروري اچ وڃ کان پاسو ڪيو وڃي۔ مويشي ۽ قيمتي سامان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي۔ ٻارن کي دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو وڃڻ کان سختي سان روڪيو وڃي۔ نجاب ۾ اڳ ئي تباهي ياد رهي ته ڀارت طرفان اڳ ۾ پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ راوي، چناب ۽ ستلج ۾ وڏي تباهي مچي چڪي آهي، ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔


پنھنجي راءِ لکو