ايشيا ڪپ 2025 جون ٽڪيٽون اڄ شام کان آن لائين دستياب

ابوظبي ايشيا ڪپ 2025 لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو عمل اڄ شام پنجين وڳي (مقامي وقت، گڏيل عرب امارات) کان شروع ٿي ويندو۔ ٽڪيٽن جون قيمتون ابوظبي ۾ ٿيندڙ ميچن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ 40 درهم رکيو ويو آهي۔ دبئي ۾ شيڊول ميچن لاءِ تعارفي قيمت 50 درهم مقرر ڪئي وئي آهي۔ آن لائين وڪري ٽڪيٽون پلاٽينم لسٽ ويب سائيٽ تي آن لائين موجود هونديون۔ پاڪ-ڀارت ميچ جو پيڪيج شائقين لاءِ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ميچ پاڪستان بمقابله ڀارت جي ٽڪيٽ ابتدائي طور تي 1400 درهم ۾ صرف ستن ميچن جي ٽڪيٽن جي پيڪيج سان گڏ دستياب هوندي۔ هن پيڪيج ۾ هيٺيان ميچ شامل آهن:انڊيا vs يو اي ايB1 vs B2 A1 vs A2 A1 vs B1 A1 vs B2 پاڪ vs ڀارت فائنل الڳ ٽڪيٽون ايشيا ڪپ 2025 جي باقي ميچن لاءِ الڳ الڳ ٽڪيٽون به خريد ڪري سگهبيون، جيڪي هن ستن ميچن جي پيڪيج ۾ شامل نه آهن آف لائن دستيابي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽڪيٽون دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۽ شيخ زايد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ٽڪيٽ آفيسن تان به خريد ڪري سگهبيون۔

پنھنجي راءِ لکو