گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پنهنجي پنج مهينن جي پگهار سيلاب متاثرن لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي : گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سيلاب متاثر ماڻهن سان اظهار يڪجهتي ڪندي پنهنجي پنج مهينن جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته: “مشڪل گهڙي ۾ مان سيلاب متاثر ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيان، ۽ سندن مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس۔” امدادي سيل قائم گورنر هائوس ۾ هڪ امدادي سيل قائم ڪيو پيو وڃي، جتان سڌي ريت ريليف ڪارروايون ڪيون وينديون۔ گورنر سنڌ ٻڌايو ته جلد ئي امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪون متاثر ضلعن ڏانهن روانيون ڪيون وينديون۔ سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ حالين برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي آئي آهي، جتي لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ کين فوري امداد جي ضرورت آهي۔


ڇا تو

پنھنجي راءِ لکو