: ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻي ڊي آءِ جي سميت 4 جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ، بينڪ اڪائونٽ سيز ڪرڻ ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔عدالت ۾ ٻڌڻي ميرپورخاص پوليس جي هٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت گذريل ٻڌڻي ۾ اڳ ۾ ئي چئني جوابدارن کي اشتھاري قرار ڏنو هو۔ انهن ۾ شامل آهن: اڳوڻو ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي انسپيڪٽر عمرڪوٽ عبدالستار سمون سپاهي محمد صديق لکمير 88 جي ڪارروائي عدالت سڳوري سيڪشن 88 تحت ڪارروائي ڪندي چئني جوابدارن جا: شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بينڪ اڪائونٽ سيز ڪرڻ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن۔ فريادي جو موقف عدالت ٻاهران ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران جوابدارن خلاف سيڪشن 87 جي ڪارروائي ڪئي وئي هئي ۽ کين اشتھاري قرار ڏنو ويو هو۔ هن وڌيڪ چيو ته: “هن ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي، رٽائرڊ ڪيپٽن اسد علي چودري بابت ڊي جي ايف آءِ اي جي رپورٽ اڃا تائين پيش نه ٿي آهي۔ عدالت هن سلسلي ۾ ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا آهن۔”
