فيلڊ مارشل عاصم منير جو سيلاب متاثر علائقن جو دورو، ريسڪيو ورڪرن ۽ سک برادري سان ملاقات

سيالڪوٽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنجاب جي سيلاب متاثر علائقن سيالڪوٽ سيڪٽر، شڪرگڙھ، نارووال ۽ ڪرتارپور جو دورو ڪيو ۽ ريسڪيو ۽ رليف ۾ مصروف عملي جي حوصلا افزائي ڪئي۔ سيلابي صورتحال تي بريفنگ آرمي چيف کي علائقن جي موجوده سيلابي صورتحال ۽ ايندڙ برساتن بابت تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ فيلڊ مارشل ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جو جائزو ورتو ۽ فوجي جوانن ۽ سول انتظاميا جي انتھڪ ڪوششن کي ساراهيو۔سک برادري سان ملاقاتسيالڪوٽ سيڪٽر ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سک ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته سيلاب سبب متاثر ٿيل سڀ مذهبي ماڳ، خاص طور تي دربار صاحب ڪرتارپور کي ترجيحي بنيادن تي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو۔هن چيو ته:”اقليتن ۽ سندن مذهبي ماڳن جو تحفظ رياست ۽ ادارن جي ذميواري آهي، پاڪستان ان فرض جي پوري ادائيگي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو۔”عوام ۽ ورڪرن سان اظهار يڪجهتيسک برادري طرفان فيلڊ مارشل جو پرجوش استقبال ڪيو ويو ۽ فوج ۽ سول انتظاميا جي خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو ويو۔فيلڊ مارشل دربار صاحب ڪرتارپور جو فضائي جائزو به ورتو۔فوجي جوانن سان ڳالهائيندي آرمي چيف سندن حوصلن، تيارين ۽ خدمت خلق جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو۔آجيانفيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اچڻ تي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا طرفان سندن آجيان ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو