لاهور پنجاب ۾ سيلاب صورتحال خوفناڪ رخ اختيار ڪري وئي آهي، جتي ٽي وڏا درياءُ هڪ ئي وقت سپر فلڊ جي هيٺ اچي ويا آهن. تازن انگن اکرن موجب صوبي ۾ سيلابي آفت سبب گهٽ ۾ گهٽ 28 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جن مان گهڻا گوجرانواله ڊويزن ۾ فليش ۽ اربن فلڊنگ سبب جان وڃائي ويٺا. ضلعي انتظاميا موجب درياءِ راوي ۽ چناب جي مٿئين حصن ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، پر هيٺاهين حصن ۾ وهڪري ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. ساڳئي وقت، درياءِ ستلج 1955ع کان پوءِ پهريون ڀيرو انتهائي خطرناڪ سطح تي پهچي ويو آهي، جتي قصور شهر کي بچائڻ لاءِ آر آر اي-ون بند ۾ شگاف وڌو ويو. ڊي جي پي ڊي ايم اي جي رپورٽ مطابق ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي، جيڪو ست ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڏو ريلو آهي. هيڊ سليمانڪي، هيڊ اسلام ۽ هيڊ پنجند تي پاڻي جي تيز دٻاءَ سبب خطرا موجود آهن، جڏهن ته بلوڪي تي پاڻي جي بلندي سان نالہ ڊيڪ، اوڪاڙه ۽ ساهيوال جا هيٺاهين علائقا متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي چناب ۾ بلند ترين ريلا منڊي بهاوالدين جا 40 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آڻڻ بعد اڳتي وڌي ويو. جهنگ شهر کي بچائڻ لاءِ ريواز ريلوي پل ٽوڙي ديوڻ سان پاڻي جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي آئي، پر هيڊ تريمو تي پاڻي اڃا به مٿين سطح تي آهي. نيشل هاءِ وي اٿارٽي جهنگ – شورڪوٽ روڊ ڪٽي پاڻي جو دٻاءُ گهٽايو، جڏهن ته اوڪاڙه، ساهيوال ۽ ٽوبهه ٽيڪ نگهه جي انتظاميا نشيبي علائقن ۾ داخلا مڪمل بند ڪري ڇڏي آهي. ي ڊي ايم اي جي انگن اکرن مطابق صوبي جا 1769 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، جتي لڳ ڀڳ 14 لک 50 هزار ماڻهو سيلاب جي اثر هيٺ آيا آهن. اڃا تائين 4 لک 29 هزار ماڻهن ۽ 3 لک کان وڌيڪ مال مويشي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 365 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. رليف ڪمشنر پنجاب جو چوڻ آهي ته موجوده ريسڪيو آپريشن ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏن رليف آپريشنن مان هڪ آهي، جنهن ۾ فوج، پوليس ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن. ن دوران، موسميات کاتي وچولي ۽ مٿئين پنجاب ۾ نئين برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪلاڪن ۾ لاهور، شيخاپوره، فيصلا آباد، نارووال، سيالڪوٽ، گوجرانواله، گجرات، جهنگ، سرگودها ۽ ميانوالي سميت مختلف ضلعن ۾ گجگوڙ سان گڏ زوردار برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن سان شهري سيلاب ۽ ٻين مشڪلاتن جو امڪان وڌي ويو آهي ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي هاڻي هڪ ناقابل انڪار حقيقت بڻجي وئي آهي ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽي وڏا درياءُ هڪ ئي وقت بپهرجي ويا آهن، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته هو انتظاميا سان سهڪار ڪن ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي.