عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون گهٽجڻ جو سلسلو جاري

تفصيل موجب برينٽ ڪرود جو اگهه 0.68 سيڪڙو گهٽجي 68.15 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي، جڏهن⁠ ته آمريڪي خام تيل 0.7 سيڪڙو گهٽجي 64.14 ڊالر في بيرل تي رڪارڊ ڪيو ويو. جزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موجوده صورتحال ساڳي ريت جاري رهي ته سال 2026ع جي آخر تائين خام تيل جون قيمتون گهٽجي 50 ڊالر في بيرل تائين به پهچي سگهن ٿيون. المي توانائي ايجنسي (IEA) جي رپورٽ موجب، ايندڙ مهينن دوران خام تيل جي فراهمي ۾ روزاني 18 لک کان وڌيڪ بيرل اضافو ٿيندو، جڏهن⁠ ته مجموعي طور تي فراهمي ۾ 21 لک بيرل روزانو واڌ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي طلب ۾ صرف 7 لک بيرل روزاني اضافي جو اندازو آهي، جنهن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 14 لک بيرل تيل اضافي طور موجود رهندو.هن وقت لنڊن برينٽ ڪرود جو اگهه 67 ڊالر 32 سينٽس ۽ آمريڪي خام تيل جو اگهه 63 ڊالر 32 سينٽس في بيرل رڪارڊ ڪيو ويو آهي.