اسلام آبادوزيراعظم شهباز شريف چين جي تاريخي دوري تي روانو ٿي ويو، جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏ اهم ملاقاتون به ڪندو. روانگي کان اڳ وزيراعظم سماجي رابطن جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي 25هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته بيجنگ ۾ فاشزم تي ٻئي عالمي جنگ ۾ فتح جي 80هين سالگره جي تقريب ۾ به شامل ٿيندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هو چيني صدر شي جن پنگ ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو منتظر آهي، جيئن چين سان پاڪستان جي هر موسم جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته دوري جو مقصد خطي جي ٻين اهم ملڪن سان لاڳاپن کي وڌائڻ، علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ آهي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب، شهباز شريف جو هي اهم دورو چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ صلاحڪار طارق فاطمي به ساڻس گڏ آهن.