دادو دوداپور ويجهو تاجوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان اوڍو لاڙي وٽ نامعلوم هٿياربندن چنڱچي رڪشه تي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، هٿياربند اڳواٽ ئي تاڙ ۾ ويٺل هئا، جن دائوجهانپور ويندڙ چنڱچي کي نشانو بڻايو. فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان خالد ملغاڻي ۽ سندس والد رياض ملغاڻي موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته نھال ملغاڻي ۽ رڪشه ڊرائيور احسان ڀنڊ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا.واقعي بعد حد جي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ابتدائي جاچ موجب، خروس برادري سان پراڻي تڪرار تان هي حملو ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.