ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ADN نيوز) ـ سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوڪل پرسن، فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي، صوبائي وزير اڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا ڪنڌڪوٽ پهچي ضلعي انتظاميا پاران ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو. ضلعي انتظاميا جي انتظامن بابت بريفنگ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس دوران ڏني ويئي. اجلاس ۾ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي، ايم پي اي حاجي عبدالرئوف خان کوسو، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد، سرڪاري کاتن جا اعليٰ عملدار، 1122 ۽ فلاحي تنظيمون پڻ موجود هيون ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان بريفنگ دوران ٻڌايو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا مڪمل تيار آهي، حفاظتي بندن تي ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪيمپون قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته رليف ڪيمپون سرڪاري عمارتن ۾ لڳائڻ جو پلان پڻ تيار ڪيو ويو آهي. ڊي ايڇ او سيد اعجاز علي شاهه ٻڌايو ته صحت کاتي پاران هر قسم جي ايمرجنسي لاءِ تياري مڪمل آهي، ميڊيڪل ڪيمپون لڳائڻ سان گڏ دوائن ۽ ويڪسين ۾ ڪا کوٽ ناهي. وٽنري کاتي موجب جانورن جي منتقلي ۽ وبائي بيمارين کان بچاءَ لاءِ به ويڪسين موجود آهي. اجلاس سان خطاب ڪندي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته: “سنڌ حڪومت جا انتظامات هاءِ فلڊ ليول جا آهن، اسان مڪمل طور تي تيار آهيون. صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ مراد علي شاهه هن معاملي تي مسلسل رابطي ۾ آهن.”هن وڌيڪ چيو ته روينيو کاتي سميت لاڳاپيل کاتن جي عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ۽ تعلقي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا پيا وڃن. “ڪچي جا واسي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.”