ـ ڪنڌڪوٽ ۾ شري بابا راما پير عرف رامديو اوتار جو سالانا ميلو وڏي ڌام ڌوم، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ميلي جو افتتاح عادلپور جي گادي نشين بابا لال ناٿ جن پاران ڪيو ويو، جتي آرتي ۽ پاٽ جي رسمن ۾ سوين مرد، عورتون ۽ ٻار وڏي جوش ۽ جذبي سان شريڪ ٿيا. تقريب ۾ ميونسپل ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين شير محمد خان سهراباڻي، ايس ايڇ او خليل لغاري، مير مشتاق خان بنگوار سميت شهر جي معزز شخصيتون ۽ مختلف مندرن جون منڊليون پڻ موجود هيون. ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻ راجا گوپي چند مهمانن کي آجيان ڪندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سوين عقيدتمند ميلي ۾ شرڪت لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته ميلي جا سڀ انتظام پاڻ ملهايا وڃن ٿا ۽ ان ۾ مڪمل مذهبي رواداري جو عڪس نظر اچي ٿو، جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي شريڪ ٿين ٿا ان موقعي تي خليل لغاري ۽ شير محمد سهراباڻي خطاب ڪندي چيو ته: “جيڪڏهن امن امان هوندو ته ميلا ۽ خوشيون جاري رهنديون.” گادي نشين بابا لال ناٿ سوامي چيو ته شري بابا رامديو اوتار جو پيغام انسانيت، ڀائيچاري ۽ محبت جو آهي، جنهن ڪلجڳ ۾ اوتار ٿي سماج مان اوچ نيچ جو فرق ختم ڪيو. اهو ئي پيغام دنيا جي سڀني علائقن ۾ سندن ميلا ملهائڻ جو بنياد آهي. ميلي ۾ سڄي رات پوجا پاٽ ۽ ست سنگ جاري رهيو، جتي سنڌ جي مشهور صوفي فنڪار ڀاڳچند پنهنجي ڀڳتي سان شرڪت ڪندڙن کي موهت ڪري ڇڏيو. صبح جو جهنڊي صاحب جي تقريب پڻ وڏي شان سان ٿي، جنهن ۾ آيل عقيدتمندن پنهنجي منوڪامنائن لاءِ آرداسون گهريون. ان موقعي تي ملڪ ۽ سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ گڏيل دعائون به ڪيون ويون.