ڪنڌڪوٽ (ڊر) ـ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ مبينا ڪرپشن ۽ شهرين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ جسقم ضلعي صدر والي ڏنو سنڌي، منصب شاهه، بشير خان مختيار، عطاءُ الله رفيق ڇڄڻ، سراج سنجراڻي، پرويز شبزوئي، بابو سنڌي، نبي بخش قربان ڇڄڻ ۽ عرفان اويس سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. اڳواڻن الزام هنيو ته: نئين آيل ڊي ايچ او اعجاز احمد شاهه ۽ ايم ايس شاهنواز ڏاهاڻي ملي ڀڳت ڪري اسپتال ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سرڪاري اسپتال ۾ موجود 121 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ويزا تي ٻاهر هليا ويا آهن. غريب مريضن لاءِ مقرر ٿيل دوائون مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مريضن کي 2 گوريون به نه پيون ملن.اسپتال جا فنڊ به هڙپ ڪيا ويا آهن.احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊي ايچ او عملي ڪم ڪرڻ بدران صرف ميٽنگن ۽ فوٽو سيشن تائين محدود آهي.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر، اينٽي ڪرپشن ۽ نيب اسپتال جي مبينا ڪرپشن بابت جاچ ڪن، ٻي صورت ۾ احتجاج کي سخت بڻائي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
ڇ