ڪنڌڪوٽ: مڪيش ڪمار چاولا جو ٽوڙي بچاءُ بندن جو جائزو، حڪومت تيار آهي: صوبائي وزير

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامي سطح تي تياريون تيز ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ٽوڙي بچاءُ بند جو جائزو ورتو ۽ انتظاميا کي خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي.صوبائي وزير سان گڏ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد، ۽ صوبائي توڙي وفاقي کاتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.مڪيش ڪمار چاولا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. بچاءُ بندن سان گڏ ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پاڻي جي سطح ۽ بندن جي صورتحال تي به سخت نگراني ڪئي پئي وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته:پنجند وٽ پاڻي جي لهر پهچڻ کانپوءِ حتمي جائزو ملي سگهندو ته ڪيترو پاڻي هتي ايندو.حڪومت طرفان سرڪاري عمارتن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪيون وينديون.جيڪڏهن پاڻي جي سطح وڌي ٿي ته ڪچي علائقن جا رهواسي ٻيڙين ذريعي ريسڪيو ڪيا ويندا.2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ بندن کي 6 فٽ مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ پاڻي به آرام سان ڪراس ڪري ويندو.صوبائي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جا انتظام “هاءِ فيلڊ” جا آهن ۽ بندن جي صورتحال اطمينان بخش آهي. ڪچي جي ماڻهن کي به اپيل ڪئي وئي ته هو احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.