ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪنڌڪوٽ ۾ رات دير سان مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته هن بابت مختلف دعوائون سامهون اچي رهيون آهن۔ تفصيل موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلي ۾ ڏوهاري ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا، جن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي۔ پوليس جي جوابي ڪارروائي دوران هڪ ڏوهاري شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو۔مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ غلام فريد عرف ”ڇوٽو سبزوئي“ پٽ عطاءُ محمد سبزوئي طور ٿي آهي۔ پوليس موجب هو ڀتاخوري، ڦر، ۽ قتل سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو۔ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏوهاري گهر ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيا هئا، جتي مزاحمت دوران فائرنگ ۾ غلام فريد سبزوئي مارجي ويو، ۽ ڪو به سڌو پوليس مقابلو نه ٿيو۔پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو۔