هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) طرفان جبري گمشدگين جي متاثرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پروفيسر امداد چانڊيو، پشپا ڪماري، ايڊووڪيٽ دانيال، اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل ۽ ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ پروفيسر امداد چانڊيو تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته جبري گمشدگين جو سلسلو ملڪ ۾ آمريتي دور کان وڌيو، جنهن دوران نذير عباسي کي به کنڀي شهيد ڪيو ويو۔ هن الزام لڳايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص طور پوليس هن عمل ۾ اڳڀرا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 50 ماڻهو گم آهن۔ ايڇ آر سي پي ميمبرن چيو ته پريس ڪلب ٻاهران پوليس جي وڏي نفري آڻي پروگرام کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو اظهار راءِ جي آزادي تي حملو آهي۔ انهن چيو ته هر اداري کي پنهنجي اختيار اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي بين الاقوامي قانونن تي عمل ڪرڻ گهرجي۔ پشپا ڪماري جو چوڻ هو ته “چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال نه ٿيڻ گهرجي، آئين پاڪستان سڀني کي برابري جو حق ڏئي ٿو، پر مسنگ پرسنز لاءِ اهو ڇو لاڳو نٿو ٿئي؟” ايڊووڪيٽ دانيال چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ کان شروع ٿيل گمشدگين جو سلسلو هاڻ ڪي پي ڪي تائين پهچي ويو آهي، جيڪو غيرقانوني آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن تي الزام آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي۔ اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو ته “هاڻ ماڻهن کي تشدد ڪري ان کي سافٽ ويئر اپڊيٽ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، جيڪو انتهائي ظالمانه عمل آهي۔” تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ عالمي ادارا جبري گمشدگين کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻن۔