اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت جو “نيو نارمل” وارو بيانيو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهين جو عمل بحال ٿيو ته اهو صرف برابريءَ جي بنياد تي ٿيندو۔ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار وضاحت ڪئي ته افغانستان بابت پاڪستان جو هڪ ئي مطالبو رهيو آهي ته اهو ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪري، دهشتگرد اسان جي حوالي ڪري يا کين سرحدن کان پري کڻي وڃي۔ هن چيو ته افغانستان طرفان موصول ٿيندڙ احتجاجي خط جا سبب به پرکيا ويندا۔ ڀارت سان لاڳاپن بابت نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته “اسان ڪنهن کي به ڳالهين لاءِ مجبور نٿا ڪريون، جيڪڏهن ڀارت ڳالهين لاءِ تيار آهي ته ٺيڪ، ٻي صورت ۾ اسان لاءِ ڪابه پريشاني ناهي۔” ان موقعي تي اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آرمينيا جي لاڳاپن بابت به ڳالهائيندي چيو ته “جڏهن آذربائيجان ۽ آرمينيا جا معاملا صحيح ٿي ويا آهن، ته اسان لاءِ به ڪو مسئلو ناهي۔”