دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي پٽ شاهه ريز جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي جج منظفر علي گل جي عدالت ۾ ٿي، جتي جوابدار شاهه ريز کي جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ بعد پيش ڪيو ويو. جاچ آفيسر طرفان وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، پر عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اها درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته شاهه ريز تي 9 مئي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ الزامن هيٺ ڪارروائي هلي رهي آهي. گذريل ڏينهن عليمه خان جي ٻئي پٽ شير شاهه کي به دهشتگردي جي خصوصي عدالت جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جا حڪم ڏنا هئا.