سکر:پاڪستان تحريڪ انصاف صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 35.35 روپيا في ليٽر واڌ تي تحفظات جو اظهار ڪندي

سکر(بيورورپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 35.35 روپيا في ليٽر واڌ تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ته پي ڊي ايم حڪومت آئي ايم ايف سان معاهدي تحت پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌارو ڪري گوڏا کوڙي ڇڏيا. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 35.35 روپيا في ليٽر جڏهن ته لائٽ ڊيزل ۽ مٽي جي تيل جي قيمت 18.18 رپيا في ليٽر واڌارو ڪري ملڪ ۽ عوام لاء خطري جي علامت آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته موجوده امپورٽڊ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي آهي. اهڙا ملڪ دشمن فيصلن سان نه صرف عوام پر ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو. غريب عوام تي مهانگائي جو بار وڌي ويندو. هن چيو ته پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سبب کائڻ پيئڻ جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو. جيڪو عوام لاء ناقابل برداشت آهي اگر امپورٽڊ حڪومت عوام کي رليف ۽ ٻيون سهولتون نٿي ڏئي سگهي ته مشڪلاتن ۾ اضافو به نه ڪري. حڪومت هوش کان ڪم وٺي. قيمتن ۾ اضافو جلد کان جلد واپس ورتو وڃي. عوام کي وڌيڪ پريشاني کان بچائي. اسان کي خدشو آهي ته اگر حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ته عوام روڊن تي نڪري ايندي جنهن جي زميوار حڪومت هوندي

پنھنجي راءِ لکو