صدر آصف زرداري پاران پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر آصف علي زرداري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 تي دستخط ڪري منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سرڪاري ايڪس (اڳوڻي ٽوئٽر) اڪائونٽ موجب، هن منظوري کان پوءِ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي، جيڪو سرحد پار واپار ۽ اچ وڃ کي جديد طريقي سان بهتر بڻائڻ لاءِ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ ڀارت ۽ بنگلاديش اهڙي اداري جوڙيا هئا.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر زرداري يارهين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جوڙي هئي، جنهن ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ صوبائي سطح تي هڪ هڪ ماهر شامل ڪيو ويو آهي.