اسلام آباد: وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن جي اڏاوت لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ جلد ئي هڪ اهم اجلاس گهرايو ويندو. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي تي ڪم جاري آهي، جنهن جو ورڪنگ پيپر سمورن صوبائي حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ چارئي صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا، جڏهن ته پاڻي ذخيرن جي اڏاوت صوبن جي اتفاقِ راءِ ۽ مشاورت سان ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي هڪ حقيقت آهي، قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اثرائتي تياري ئي واحد رستو آهي. “پاڻي ذخيرو ڪرڻ قومي مسئلو آهي ۽ ان تي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.” هوڏانهن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ڊئم ۽ ڪئنالز جي حوالي سان صوبن ۾ بي اعتمادي موجود آهي. “هر صوبي کي ٻئي صوبي تي شڪ آهي، مثال طور بلوچستان کي خدشو آهي ته سنڌ پاڻي روڪي ڇڏيندي، جڏهن ته سنڌ کي به شڪ آهي ته بلوچستان کي پاڻي نه ملندو. وفاق ۽ صوبن ۾ به اهڙي بي اعتمادي موجود آهي.” هن چيو ته ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڊئم ۽ ڪئنالز ضروري آهن، پر اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب اڳتي نه وڌي سگهيا آهيون. “اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم تي ڪم جاري آهي، اميد آهي هڪ اڌ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو.” مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته درياهه ڪناري موجود بااثرن جا ريزارٽ به وڏو مسئلو آهن، غريبن جون وسنديون اجاڙيون وڃن ٿيون، پر ڪجهه ماڻهن جا ريزارٽ بچايا وڃن ٿا. “هر 10 کان 20 ڪلوميٽر تي علائقو خالي رکڻو پوندو، نه ته ٻوڏ جي تباهي ٻيهر ورجائبي.”