سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ، رهواسين جي لڏپلاڻ شروع

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب گڊو بئراج جي ڪچي وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي بچاءَ بندن کي پائڻ لڳو آهي. گهوٽڪي جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ اچي ويا آهن، جنهن بعد رهواسين پاران لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي. تفصيل موجب شينڪ بند تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جڏهن ته مٽياري جي سِيکاٽ، ڪليان ۽ بايوديرو بندن تي به صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. ان کان علاوه درل، کوسو، کنڊو ۽ سنگراسي بند ڪمزور ٿي ويا آهن، جڏهن ته آبپاشي عملو به غائب آهي، جنهن ڪري علائقي واسين ۾ خوف ۽ پريشاني وڌي وئي آهي. رپورٽن مطابق ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته رليف ڪئمپون به اڃا تائين قائم نه ٿي سگهيون آهن. ٺاروشاهه جي ڪچي علائقي جا ڳوٺ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ رهواسين پاڻمرادو لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ٺٽي ۾ به بچاءَ بندن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، سونڊا هيلايا بند، چليا پوائنٽ ۽ ٽنڊو حافظ شاهه وٽ بندن جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. ان صورتحال سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي ۽ بيچيني جي لهر ڇائنجي وئي آهي.