خيرپور/ڪنب/صالح پٽ/سيتا روڊ (پنهنجي ڊيسڪ) ــ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيش آيل واقعن دوران پيرسن سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، جنهن سبب علائقن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي۔ خيرپور: ڳوٺ ارباب چڍڙ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان وسيم چڍڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول وسيم ڇهه مهينا اڳ ناري نبيلا سيال سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان راڄوڻي جرڳو به ٿيو هو ۽ نوجوان تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو هو. قتل کان پوءِ لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿيا آهن۔ ڪنب: ڳوٺ ٻٻر وڏا ۾ نوجوان ضمير ڀٽي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار عالم عرف منچا، رياض، علي رضا ٻٻر ۽ ٻين کيس قتل ڪيو آهي. واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتول جي وارثن ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته قتل جو ڪارڻ زمين جو معاملو آهي۔ صالح پٽ: ڳوٺ حسين آباد لوٺو ۾ ملاح ۽ ڀنڀرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ 80 ورهين جو پيرسن شير محمد ملاح قتل ٿي ويو. مقتول جي وارثن الزام لڳايو آهي ته ڀنڀرا برادري زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ۽ شير محمد کي قتل ڪيو. جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر جي علي گوهر ڀنڀرو چيو آهي ته ملاح برادري ڪوڙو ڊرامو رچائي رهي آهي ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي۔ سيتا روڊ: راڄو ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز جا ڀاڻ ۾ جوابدارن 35 ورهين جي نوجوان گلزار ڀرٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي ڀاءُ ماجد ڀرٽ جو چوڻ آهي ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن معمولي ڳالهه تان ڀاءُ کي قتل ڪيو. لاش کي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي۔