اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي ۾ فائرنگ، سيلرا برادري جا ٻه ڀائر قتل، هڪ سخت زخمي

اوٻاوڙو (ڊيسڪ رپورٽ) ــ سنڌ پنجاب بارڊر ڀرسان رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سيلرا برادري جا ٻه ڀائر قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو۔ ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شمس سيلرو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب سڪندر سيلرو ۽ محمد سليم سيلرو موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو۔ اطلاع ملندي ئي علائقي جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ هٿياربندن جي پٺيان به ويا، پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ مقتولن جا لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ ئي پيل رهيا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو