ٺاروشاهه (پنهنجي ڊيسڪ) ــ ٺاروشاهه ۾ ڀرٽ ڪالوني جو رهواسي نوجوان اڪيل سولنگي چار ڏينهن کان گم آهي، جنهن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي۔ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڳولا جي باوجود کيس ڪٿي به نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس وٽ رپورٽ به داخل ڪرائي وئي آهي۔ وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، پر پوليس طرفان ڪو به خاص قدم نه کنيو ويو آهي۔ انهن مطالبو ڪيو آهي ته اعليٰ اختيارين فوري طور تي نوٽيس وٺن ۽ نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي۔